غوثپو شھر ۽ ڀرپاسي واري ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ارڙي جي بيماري وبائي شڪل اختيار ڪري وئي, ڪجهه ڏينهن ۾ ارڙي سبب 4 ٻارڙا فوت ٿي چڪا, علائقي جا ڪيترائي ٻارڙا اڃان سوڌو ان وبائي مرض ۾ مبتلا,وڌيڪ مليل ڄاڻ موجب ضلعي ڪشمور جي مختلف شھرن غوثپور۔ ڪرمپور ۽ تنگواني جي مختلف ڳوٺن خاص ڪري مقدم علي محمد خان بجاراڻي ۾ ارڙي بيماري وبائي شڪل اختيار ڪري وئي, ڪجهه ڏينهن اندر هڪ ئي خاندان جا (3) ٻار فوت, فوتين ۾ اڍائي سالن جو سهيل بجاراڻي, (3) سالن جو فرمان بجاراڻي (2) سالن جو فدا بخش بجاراڻي ماشل آهن, هوڏانهن ڪرمپور جي ئي ڳوٺ مير بگن خان بجاراڻي ۾ معصوم نينگري آيت بنگلاڻي ارڙي سبب فوت ٿيلن ۾ شامل آهي جڏهن ته علائقي جي مختلف ڳوٺن جا ڪيترائي ٻار ارڙي ۾ مبتلا آهن, ڪشمور جي صحت کاتي ڪوبه تحرڪ نه ورتو نه ئي ڪشمور, ڪنڌڪوٽ جي صحت کاتي جون ٽيمون متاثر ڳوٺن ۾ پهچي سگهيون آهن, هوڏانهن علائقي واسين وس وارن مطالبو ڪيو آهي ته ارڙي وبا جي ڦيلاءُ جو نوٽس وٺي, ٽيمون ڳوٺن ۾ موڪلي, حفاظتي ٽڪا لڳرائي بقايا ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن..
