سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )نيشنل پريس ڪلب ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جي پريس ڪانفرنس،
تفصيل موجب مصطفيٰ حسن سومرو، فريد سولنگي ۽ حمادالله سيٺار پاران گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 33 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، پر 34 مارڪون حاصل ڪرڻ وارن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 1975 A تحت اسان کي پنهنجا حق ڏنا وڃن، هنن الزام هنيو ته ڪيترن ئي اميدوارن کي پئسن عيوض آفر ڏئي ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي آهي، سکر جا 13 سيڪڙي اسڪولن ۾ 33 سيڪڙو استاد غير حاضر آهن، تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاهه دعويٰ ڪري رهيو آهي ته اسڪولن کي جديد بڻايو ويو آهي پر اهڙو ڪجهه به ناهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي هارڊ ۽ سافٽ ايرياز ۾ ورهايو ويو آهي، هارڊ ايريا ٺاهي 33 مارڪن سان پاس ٿيل اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا پيا وڃن، اسان چاهيون ٿا ته سموري سنڌ ۾ هڪ ئي پاليسي جوڙي وڃي، جنهن تحت تمام اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن.
