پاڪستان ۾ ٻه ملڪ آهن، هڪ غريب جو ۽ ٻيو امير جو: مصدق ملڪ

اسلام آباد: پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي اعتراف ٿو ڪيان ته غريب ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، هتي ٻه ملڪ آهن، هڪ غريب جو ۽ ٻيو امير جو.دي فيوچر سمٽ سان خطاب ڪندي مصدق ملڪ چيو ته سوئي سدرن گئس ڪمپني کي گئس چوري جو حساب ڏيڻو پوندو، ايس ايس جي سي ۾ جيڪو چوري ڪندو، اهو نوڪري وڃائيندو، گئس چوري جو بار غريب تي پوندو آهي ۽ امير بچي ويندو آهي.