پاڪستان تي مجموعي قرض ڪيترو آهي؟ انگ اکر جاري

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاڪستان جي ذمي اندروني ۽ ٻاهرين قرضن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.پڌرائيءَ موجب پاڪستان جي ٻاهرئين قرض ۾ گهٽتائي، جڏهن ته اندروني قرض ۾ واڌ ٿي آهي، پاڪستان تي قرضن جو مجموعي بار 51 هزار ارب رپين تائين وڃي پهتو آهي.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تي هڪ مهيني ۾ ٻاهريون قرض 94 ارب رپيا گهٽ ٿي ويو، نومبر 2022 ۾ پاڪستان تي ٻاهريون قرض 17 هزار 974 ارب رپيا هو، جيڪو ڊسمبر 2022 ۾ گهٽ ٿي 17 هزار 880 ارب ٿي ويو.انگن اکرن موجب پاڪستان تي هڪ مهيني ۾ اندروني قرض ۾ 186 ارب رپين جي واڌ ٿي، نومبر ۾ پاڪستان جو اندروني قرض 32 هزار 930 اربن مان وڌي ڊسمبر 2022 ۾ 33 هزار 116 ارب رپيا ٿي ويو.نومبر ۾ 50 هزار 996 اربن جا مجموعي ملڪي قرض ڊسمبر 2022 ۾ 51 هزار ارب ٿي ويا.
انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جو هر شهري سوا ٻه لک رپين جو قرضي آهي.