ڪي اين شاهه ۾ جڙيل شاهه جيلاني جي ميلي ۾ فائرنگ2ڄڻا مارجي ويا، 4 ڄڻا زخمي

سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس ڪئمپ سامهون محفل موسيقي ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ الياس چانڊيو، سڪندر چانڊيو، اسدالله چانڊيو سعيد سومرو، رئوف سومرو، نياز چانڊيو زخمي ٿي پيا لاڙڪاڻي اسپتال نيندي زخمن جي سٽ نه سهندي سڪندر چانڊيو ۽ سعيد سومرو دم ڏئي ڇڏيو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو شهرين جو چوڻ آهي ته واقعو پوليس جي نااهلي سبب پيش آيو، ميلي ۾ ماڻهو هٿيار کڻي هلندا رهيا پر پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي