ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ هزارين رپيا واڌ ٿي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 3 هزار 800 رپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 96 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 3 هزار 258 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 68 هزار 38 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر ٻه ڊالر واڌ سان 1839 ڊالر في اونس آهي.
