راڻا ثناءُالله، پرويز الاهي ۽ سندس وڪيلن جي مبينا آڊيو ليڪ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس وڪيلن جي مبينا آڊيو ليڪ جاري ڪري ڇڏي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته چوڌري پرويز الاهي جي مبينا آڊيو سامهون آئي، ايف آءِ اي فرانزڪ ڪري.هن چيو آڊيو درست آهي ته پرويز الاهي تي ڪيس داخل ڪيو وڃي، قانون واري وزارت کان پڇي ايف آءِ اي پرويز الاهي کي گرفتار ڪري، چيف جسٽس آف پاڪستان به معاملي جو نوٽيس وٺي.سندس موجب لڳي رهيو آ ته اهو ٽولو عدالت کي ڊڪٽيٽ ڪري رهيو آهي، عمراني ٽولي قانون ۽ انصاف جي نظام کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، عدالت جي حڪمن باوجود عمران خان پيش نه ٿيو، درخواست جمع ڪرائي پاڻ ئي چئي ٿو ته فلاڻي وقت تي پيش ٿيندس، عمران خان جي گرفتاري ٺهي ٿي، فيصلو حڪومت کي ڪرڻو آهي.