اسلام آباد: مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا آصف پنهنجو نالو وٺڻ کانسواءِ تنقيد ڪندي چيو ته هو سڄي پارٽي کي ٻڌائي ٿو ته جيل ڀريو، چوهو پاڻ گهرن ۾ لڪيل آهي.اها ڳالهه مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا آصف سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته ڪارڪنن کي آواز ڏئي رهيو آهي ته زمان پارڪ اچو، مون کي بچايو، عدالت کي ٻڌايو ته مان بزرگ ۽ زخمي آهيان، پيش نه ٿو ٿي سگهان.خواجا آصف اهو به چيو آهي ته 2 ڏينهن جيل ۾ سندس ساٿي ٽي وي تي ويهندا ۽ روئندا آهن، اهو نواز شريف ئي هو جيڪو پنهنجي ڌيءَ جو هٿ ٻڌي وطن واپس آيو هو.
