سکر: وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته اسان کي 2 آنا خرچي ملندي هئي، هاڻوڪا ٻار هزار روپين تي به خوش نه آهن، مهانگائي جي خاتمي لاءِ آبادي کي ڪنٽرول ڪيو وڃي.وفاقي وزير خورشيد شاهه سکر جي احتساب عدالت ۾ پيشي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪرڻ سولو آهي، پر جيل ۾ وڃڻ ڏکيو آهي، سياستدانن کي گرفتار ڪرڻ جي روايت اڳوڻي حڪومت وڌي هئي.هن چيو ته آئون ته اڍائي سال جيل ۾ رهيو هئس، هاڻي سياستدان رڳو 4_5 ڏينهن لاءِ جيل وڃن ٿا، رڳو دانهون ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، آبادي تي به ڪنٽرول ڪيو وڃي.جڏهن ته سکر جي احتساب عدالت وفاقي وزير خورشيد شاهه کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، خورشيد شاهه پرڏيهه مان علاج لاءِ اجازت جي درخواست داخل ڪئي هئي.
