سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ ) جي احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي.تفصيل موجب احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سياستدانن کي گرفتار ڪرڻ جي روايت گذريل حڪومت جي دور ۾ وڌي هاڻي ته چار پنج ڏينهن لاءِ سياستدان جيل ويندا آهن، مان اڍائي مهينا جيل ۾ هيم ۽ هاڻي به عدالت جي ٻاهران آهيان ۽ هاڻي اٺ اٺ بهيرا عدالت گهرائي ٿي ليڪن سياستدان نٿا وڃن، جڏهن ته مهنگائي جي لاءِ پاپوليشن تي ظابطو آڻڻو پوندو هر سال پنج ونجاھ لک پاپوليشن سان فيصل آباد ٽهندو آ، اسان کي پهرين دور ۾ ٻھ آنا خرچي ملندي هئي ۽ هاڻي ٻار هزار رپي تي به خوش ناهي، چونڻ سهنجو آهي جيل بهريو تحريڪ ڪرڻ مشڪل آهي پر هڪ پيپلزپارٽي ئي آهي جيڪو چوندي ساڪري ڏيکاريو آهي.جڏهن ته پاڻ خورشيد شاه احتساب عدالت نمبر3 ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته ايڊووڪيٽ محفوظ اعوڻ وڌيڪ ٻڌايو ته خورشيد شاه صاحب جو ٿائلئنڊ جي اسپتال ۾ اعلاج ٿيندو، علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ ويندو تنهن ڪري ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان پهريان عدالت ذاتي طور تي گهرايو هو ۽ عدالت خورشيد شاه ٻاهرين ملڪ وڃڻ لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي هاڻي هو ٻاهرين ملڪ وڃي سگهي ٿو آئيندا تاريخ 6 مارچ تي رکيل آهي.
