اسلام آباد: وفاقي وزيرن پرويز الاهي جي مبينا آڊيو تي چيف جسٽس آف پاڪستان کان جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آڊيو ليڪ ٿيڻ هڪ سنجيدا معاملو آهي، ان جو فارنزڪ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن آڊيوز حقيقي آهن ته قانون پٽاندڙ ڪارروائي ڪئي وڃي.هن چيو ته ان آڊيو جي معاملي تي به چيف جسٽس سان ڳالهايو وڃي.ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال به پرويز الاهي جي آڊيو ليڪس جي مڪمل جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته آڊيو ليڪس جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته پرويز الاهي جي مبينا ٽيپ آئي جنهن ۾ هو عدليا جي جج سان ميچ فڪسنگ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ليڪ ٿيل آڊيوز عدليا جي ڪردار تي سوال اُٿاري رهيون آهن.هن چيو ته جيڪڏهن آڊيو ڪوڙي آهي ته عدليا کي نقصان رسائڻ وارن کي سزا ملڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ٽيپ سچي آهي ته اِهو عدليا مٿان وڏو داغ هوندو.ان کان اڳ وفاقي گهرو وزير به چيف جسٽس کان ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ۽ آڊيو فارنزڪ جو مطالبو ڪري چڪو آهي.
