ڀارت ۾ ٽوئيٽر جون ٻه آفيسون بند

ممبئي: مائيڪروبلاگنگ سائيٽ ٽوئيٽر ڀارت ۾ پنهنجي ٽن مان ٻن آفيسن کي بند ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽوئيٽر جي مالڪ ايلون مسڪ دهلي ۽ ممبئي ۾ پنهنجون آفيسون بند ڪندي ملازمن کي گهر کان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.رپورٽس موجب ٽوئيٽر جي آفيسن کي بند ڪرڻ جي فيصلي کي خرچن ۾ گهٽتائي بابت قدم قرار ڏنو ويو آهي.