سکر: مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي، بيت المقدس جي حرمت جي ڀڃڪڙي ڪرڻ خلاف احتجاج

سکر مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي، بيت المقدس جي حرمت جي ڀڃڪڙي ۽ فلسطيني مسلمانن تي اسرائيلي ظلم خلاف اهلسنت سکر ۽ جي يو پي سکر پاران جامع مسجد مڪراني بندر روڊ سکر ۾ مفتي محمد ابراهيم قادري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، اسرائيلي جارحيت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ اسرائيل جو جهنڊو ساڙيو ويو،مظهارين کي مخاطب ٿيندي مفتي محمد ابراهيم قادري۔ حافظ محبوب سهتو ۔مولانا عثمان فيضي،پير عطاءالرحمان، محمد رضوان قادري، الله وسايو انڍڙ، عبداللطيف سهتو۔ ڊاڪٽر سعيد احمد اعواڻ، اڳوڻو ڊپٽي ميئر سکر طارق چوهاڻ، واپاري اڳواڻ عامر فاروقي ۽ ٻين عالمن ۽ مذهبي جماعتن جا اڳواڻ ۽ معزز شهري شامل هئا، ان موقعي تي مٿين عالمن چيو ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته ڪشمير، فلسطين ۽ ٻين ملڪن ۾ مسلمانن تي غير قانوني ۽ غير آئيني جارحيت ٿي رهي آھي مسلمانن تي ظلم ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي، ڪشميرين سان گڏ بيٺا آهيون، هنن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي اشاري تي ڪشمير ۾ مسلمانن سان غير انساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي. فلسطين، شام ۽ ٻين مسلمان ملڪن ۽ گڏيل قومن جي پراسرار خاموشي سواليا نشان بڻجي رهي آهي، اسرائيل جي بيت المقدس تي تسلط جي مذمت ڪندي چيو ته سڄي دنيا جي مسلمانن کي بيت المقدس جي آزادي لاءِ متحد ٿي ان خلاف آواز اٿارڻ گهرجي. پر مسلمان ملڪن جي حڪمرانن ۽ اقوام متحده کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيون ٿا۔

پنھنجي راءِ لکو