سکھر ۾ يومِ مزدور جي تقريب، مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو عزم

سکھر (ويب ڊيسڪ): يومِ مزدور جي موقعي تي انصاف ليبر ونگ ڊويزن سکھر جي صدر لالا اکبر شاهه پاران پهرين مئي جي حوالي سان هڪ باوقار تقريب شاهه فيصل ڪالوني، گوليمار شڪارپور پھاٽڪ وٽ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ تنظيم جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
تقريب ۾ مهمانِ خاص نويد احمد کوسو (ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ليبر ونگ سنڌ) هئا، جڏهن ته پارٽي جا سينيئر اڳواڻ دوا خان، اسد علي راجپوت، شاهه محمد ڀٽو، علم شاهه، سراج احمد کوسو، عبداللہ ملانو، مقصود احمد، رقيب الرحمان، مختيار سومرو، لياقت علي کوسو ۽ سکھر جا ٻيا ڪارڪن پڻ موجود هئا۔
مقررین پنهنجي خطاب ۾ يومِ مزدور جي اهميت تي روشني وڌي ۽ مزدورن جي حقن جي تحفظ، بهتر روزگار جي موقعن ۽ انصاف جي فراهمي تي زور ڏنو۔ هنن چيو ته ملڪ جي ترقي ۾ مزدور طبقي جو اهم ڪردار آهي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻ ضروري آهن۔
تقريب جي آخر ۾ مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ڪيو ويو۔

پنھنجي راءِ لکو