يو اي اي پاران شهرين تي ايران، عراق ۽ لبنان جي سفر تي پابندي

متحده عرب امارات پنهنجي شهرين لاءِ ايران، عراق ۽ لبنان جي سفر تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي۔ پرڏيهي ميڊيا موجب اهو فيصلو علائقي جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي۔اماراتي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ شهرين کي فوري طور انهن ملڪن ڏانهن سفر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پابندي فوري طور لاڳو ڪئي وئي آهي۔سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي جاري بيان ۾ وزارت پرڏيهي انهن ٽنهي ملڪن ۾ موجود پنهنجي شهرين کي به فوري طور وطن واپس اچڻ جي هدايت ڪئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو