کراچی (ويب ڊيسڪ): اڄ ڇنڇر جي ڏينهن شهر ۾ سخت گرمي پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن سبب اڄ کي گرم ترين ڏينهن طور رڪارڊ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔
ماهرن موجب گذريل ڏينهن جمعي تي به گرمي پنهنجي عروج تي رهي، جتي محسوس ڪيل گرمي پد 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، جڏهن ته رات جو به هوا نه هجڻ سبب حبس برقرار رهيو۔
موسميات جي ماهرن ٻڌايو ته اڄ شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ اهو 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين به وڃي سگهي ٿو۔ پر هوا جي رفتار گهٽ ۽ نمي جو تناسب وڌيڪ هجڻ سبب ٻنپهرن دوران محسوس ڪيل گرمي پد 49 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته شام جو سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ سان موسم ۾ ڪجهه بهتري اچي سگهي ٿي، جڏهن ته رات جو ٻيهر هوا جي رفتار گهٽ ٿيڻ سبب حبس برقرار رهڻ جو امڪان آهي۔
شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سخت گرمي دوران احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، پاڻي جو وڌيڪ استعمال ڪن، سج ۾ غير ضروري نڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ خاص طور ٻارن ۽ بزرگن جو خيال رکن ته جيئن گرمي جي اثرن کان محفوظ رهي سگهن۔
