جيڪب آباد ۾ تعزيت، سياسي اڳواڻن پاران مير اعجاز حسين جکراڻي سان ڏک ونڊيو

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ): پ پ ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي جي پٽ جي وفات کان پوءِ تعزيت جو سلسلو جاري آهي، جنهن سلسلي ۾ پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير حمزه شہباز شریف ۽ وفاقي قانون وارو وزير اعظم نذیر تارڑ جيڪب آباد پهچي ويا۔
تفصيل موجب انهن سان گڏ طارق فضل چوڌري، شاهه محمد شاهه، راجا انصاري، خالد شيخ، کيئل داس ڪوهستاني ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، جن پ پ ايم اين اي میر اعجاز حسین جکرانی سان سندس پٽ مير زيد حسين جکراڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ ساڻس ڏک ونڊيو۔
انهي موقعي تي ايم پي اي مير ممتاز حسين جکراڻي، مير غلام عباس جکراڻي، مير لياقت خان لاشاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ جي فضا برقرار آهي۔

پنھنجي راءِ لکو