ڪراچي: صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) مليريا کان بچاءُ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سخت موسمي اثرن سبب پاڪستان ۽ ملاوي ۾ مليريا سبب فوتگين جي ڪيسن تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي.ڊبليو ايڇ او جي سربراهه پيٽر سينڊز جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال ٻوڏ کانپوءِ مليريا انفيڪشن ڪيسن جو انگ چئوڻ تي وڌي 16 لک ٿي ويو آهي.پيٽر سينڊز موجب ملاوي ۾ طوفاني برساتن سبب مليريا جي ڪيس ۾ واڌ ٿي آهي.پيٽر سينڊز جو چوڻ آهي ته مليريا جي خراب بگڙجندڙ صورتحال ختم ڪرڻ لاءِ اڃا ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ ملاوي ۾ برسات جو پاڻي تلاءُ جي صورت ۾ بيٺل هجڻ سبب مڇرن جي واڌ ويجهه ٿئي ٿي.ياد رهي ته سڀاڻي 25 هين اپريل تي پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ مليريا کان بچاءُ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو.
