ميران شاهه ۾ دهشتگردن جي فائرنگ، پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد، 3 دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرسان جي علائقي ميرانشاهه ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا.آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ مقابلو 10 جون رات دير سان ٿيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پاڪ فوج جا 3 جوان به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن کان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ آيو آهي. سيڪيورٽي فورسز ڳجهي طريقي سان دهشتگردن جي ٺڪاڻي جو پتو لڳايو.پاڪ فوج جي شهيد ٿي ويلن ۾ صوبيدار اصغر علي، سپاهي نسيم خان ۽ سپاهي محمد زمان شامل آهن. شهيد صوبيدار اصغر علي جي عمر 40 سال ۽ ان جو تعلق لکي مروت سان هو. سپاهي نسيم خان شهيد جي عمر 26 سال ۽ ان جو تعلق به لکي مروت سان هو. سپاهي محمد زمان شهيد جي عمر 22 سال جڏهن ته ان جو تعلق ايبٽ آباد سان هو.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي شهيد جوانن دهشتگردن جو جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو. علائقي ۾ موجود دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي. پاڪستاني هٿياربند فوج دهشتگردي جي ناسور کي جڙ کان خاتمي لاءِ پرعزم آهي. بهادر جوانن جي لازوال قربانين اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.

پنھنجي راءِ لکو