اي ٽي سي عدالت عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

دهشتگردي جي انت واري عدالت(اي ٽي سي) اسلام آباد تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين خلاف اسلام آباد جي رمنا ٿاڻي ۾ 2 ۽ گولڙه ٿاڻي ۾ داخل هڪ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان رمنا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي. عمران خان جي وڪيل سردار مصروف خان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي سبب هو اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي.دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ابوالحسنات ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو. عدالت جوڊيشل ڪمپليڪس حملي ڪيس ۾ عمران خان سميت فرخ حبيب، شبلي فراز ۽ حسان نيازي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.. اي ٽي سي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين سميت ٻين جوابدارن کي ذاتي حيثيت ۾ 19 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو.

پنھنجي راءِ لکو