قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. تفصيل موجب صدر پاران وزيراعظم شهباز شريف جي سمري تي صحيح ڪرڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ٽوڙي وئي، جنهن جو نوٽيفڪيشن هاڻي جاري ڪيو ويو آهي. پارلياماني معاملن واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن 13 پارٽين جي اتحادي حڪومت ختم ٿي وئي هئي صدر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف طرفان موڪليل قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي. صدر پاران وزيراعظم جي سمري تي صحيح ڪرڻ بعد قومي اسيمبلي سميت وفاقي ڪابينا به ٽوڙي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي دستخط ڪرڻ کانپوءِ شهباز شريف اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري صدر عارف علوي کي موڪلي، جنهن جي صدر عارف علوي فوري منظوري ڏئي ڇڏي صدر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 58-1 تحت اسيمبلي ٽوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته قومي اسيمبلي ۽ وفاقي ڪابينا ٽوڙڻ باوجود شهباز شريف نگران وزيراعظم جي چونڊ ٿيڻ تائين وزيراعظم جي عهدي تي رهندو. نگران وزيراعظم جي چونڊ لاءِ شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر راجا رياض وچ ۾ اڄ ملاقات جو امڪان آهي. نگران وزيراعظم جي نالي تي ٻنهي اڳواڻن ۾ اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم جي چونڊ جو فيصلو ڪندي. جڏهن ته قومي اسيمبلي جي الوداعي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سياسي مخالف کي 16 مهينن لاءِ جيل موڪلڻ ناانصافي ناهي، موجوده حڪومت ۾ نيب ڪنهن تي به ڪيس داخل ناهي ڪيو.
