ڪرڪيٽ جي دنيا جو نئون چيمپين ڪير ڀارت يا آسٽريليا؟ ورلڊ ڪپ جو فائنل مقابلو اڄ ٿيندو

ڪرڪيٽ جي دنيا جو نئون چيمپين ڪير ٿيندو، ڀارت يا آسٽريليا؟ فائنل مقابلو اڄ احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ ٿيندو ٻنهي ٽيمن ۾ وڏا وڏا نالا شامل ڪيا ويا آهن. شوقينن کي فائنل ۾ زبردست ايڪشن جي اميد آهي. ميچ ميوزڪ ۽ موج مستي سان گڏوگڏ هلندو. ميچ کان اڳ ايئر شو وقفن ۾ موسيقي ۽ ليزر لائيٽ ڪانزجو ۽ اختتام آتشبازي سان ڪئي ويندي ڀارتي ميڊيا موجب وزيراعظم نريندر مودي به ورلڊ ڪپ جو فائنل ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم پهچندو. جڏهن ته بالي ووڊ جي مشهور شخصيتن جي پهچڻ جو امڪان آهي. هڪ لک 32 هزار ماڻهن جي گنجائش وارو اسٽيڊيم تماشائين سان ڀريل هوندو.