بلوچستان: هرنائي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪو، 12 پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا

بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گيس جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ فوت ٿيل 12 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا. ڌماڪي جو واقعو گذريل رات پيش آيو، چيف انسپيڪٽر مائنز جو چوڻ هو ته حادثي واري هنڌ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي، ڪوئلي جي کاڻ مان 8 مزدورن کي به محفوظ ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. هن چيو ته گئس ڌماڪي جي وقت کان ۾ 20 کان کن موجود هئا، حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جو تعلق ڪوئيٽا جي ڀرپاسي ضلعي پشين سان آهي چيف انسپيڪٽر وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويلن جا لاش اباڻي علائقي پشين ڏانهن اماڻيا ويا آهن، مائن ۾ ڌماڪو ميٿين گيس سبب ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هرنائي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي وزيراعظم حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزير اعظم کان کنين جي بچاءُ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته اهڙا واقعا انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ آهن، ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون، حڪومت زخمين ۽ متاثر خاندانن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي.

پنھنجي راءِ لکو