خبر موجب : ڪرمپور ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿيا آهن، امن امان قائم ڪرڻ توڙي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ هر حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي، هن وقت ڪراچي کان ڪشمور تائين پورو صوبو بدامني جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي، ٻن مهينن ۾ 200 ماڻهن جو اغوا ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ حڪمرانن لاءِ فڪر جو مقام آهي، ڇا حڪومت جو نالو فقط ڳرا ٽيڪس لڳائڻ ۽ عوام جي کيسي تي ڌاڙو هڻي سندن جئيڻ مشڪل بڻائڻ جو نالو آهي؟ عوام لاڳيتو ڌاڙيل راڄ خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي، پر حڪومت ۽ انتظاميه جي ڪن تي جُون به نٿي سُري. شهيد عبدالحفيظ بجاراڻي اسان جي تحريڪ جو قيمتي سرمايو هو، هو هڪ عالم دين، مبلغ ۽ سياسي سماجي اڳواڻ سان گڏو گڏ انسانيت جو درد رکندڙ انسان هو، جواني کان آخري دم تائين دين کي قائم ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مصروف رهيو، سندس ديني ۽ عوامي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرمپور ويجهو ڳوٺ امام الدين بجاراڻي ۾ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي جي پوئنرن سان تعزيت کان پوءِ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. محمد حسين محنتي مرحوم جي وڏي فرزند انيس احمد جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکي کيس حوصلو ڏنو، ان موقعي تي مرحوم جو ننڍو ڀاءُ امداد الله بجاراڻي، انجنئير شفقت علي بجاراڻي، ضلعي امير حاجي ديدار لاشاري، هدايت الله رند ۽ مجاهد چنا سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. صوبائي امير سنڌ سان تعلق رکندڙ صدر زرداري ۽ آرمي چيف توڙي وزيراعظم کي سنڌ ۾ شديد بي امني ۽ ڌاڙيل راڄ جو نوٽيس وٺڻ ۽ سنڌ جي عوام کي امن فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڌاڙيلن پاران حڪومتي رٽ کي چيلينج ڪرڻ فڪر جو مقام آهي، حڪمران خود وي آءِ پي پروٽوڪول، جهازن، ٽينڪن توڙي محفوظ قلعن ۾ ويٺا آهن، پر ٽيڪس ڏيندڙ عوام کي ڌاڙيلن ۽ رهزنن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. رينجرز، پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي عوام جي کيسي مان اربين روپيا خرچ ٿيڻ باوجود اڄ سنڌ جو عوام امن لاءِ واجهائي رهيو آهي، هاڻي ته هاءِ ويز ۽ موٽرويز به محفوظ ڪونه آهن ائين لڳي ٿو حڪومت بي وس يا سڀ ڪجهه سسٽم سان ڳٺ جوڙ ذريعي هلي رهيو آهي
