14

ڪنڌڪوٽ گذريل رات گولا برادري جي هٿان مارجي ويل پيرسن مير خان شيخ جي قاتلن جي جوابدارگرفتارنه ٿيڻ خلاف شيخ برادري ۽ جسقم پاران لاش ايس ايس پي گيٽ آڏورکي احتجاج

مليل ڄاڻ موجب گذريل رات معمولي ڳالھ تان گولا ۽ شيخ برداري ۾ جي جهڙي دوران فوت ٿيل ميرخان شيخ جي وارثن ۽ جسقم پاران جوابدا رگرفتارنه ٿئيڻ ته ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ جي مين گيٽ ته لاش رکي ڌرڻو ڌرڻي دوران فوتي جي وارث پٽن علي بابا طالب حسين شيخ ۽ جسقم اڳواڻن والي ڏنو سنڌي حفيظ مگسي ۽ ٻين چيوته گذريل رات به گناه پيرسن کي معمولي ڳالھ تان ماريوويوآهي ۽ ان جاهن وقت تائين جوابدارگرفتارنه ٿي سگهياآهن هنن چيوته ايس ايڇ او اي سيڪشن ڳالهين بدران اڃان اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته هتان اٿونه ته توهان تي ڪيس داخل ڪيوويندو فوتي جي وارثن وڌيڪ چيو ته اسين مسڪين آهيون اسا ن جي بابا کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي جيستائين جيڪي فرارٿي وياآهن جن ۾ نورزادو طيب گولو۽ برڪت علي لاشاري کي گرفتارنه ڪيوويندو تيستائين اسان جو درڻوجاري رهندو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو