ملڪ ۾ سون اڄ به سوين رپيا سستو ٿي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1600 رپيا گهٽتائي کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 38 هزار رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 1257 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 4 هزار 47 رپين جو ٿي ويو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 4 ڊالر واڌ سان 2301 ڊالر في اونس آهي.
