ڌاڙيلن خلاف آپريشن: سنڌ پوليس جي نئين گاڏين لاءِ ڪروڙين روپين جا فنڊز منظور

سنڌ حڪومت صوبي ۾ پوليس کي مضبوط ۽ متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪروڙين روپين جي فنڊز سميت عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي پيپلز بس سروس جو ڀاڙو، جون تائين 50 روپيه برقرار رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينه جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو جتي صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس جي مختلف ونگز کي مضبوط ۽ متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ آپريشنل گاڏين جي خريداري لاءِ 177.517 ملين روپين جي منظوري ڏني. مراد علي شاهه چيو ته پوليس کي ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تعاون سان ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز ڪچي جي ڌاڙيلن ۽ صوبي ۾ ڊرگ مافيا جي خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري وزيراعليٰ هائوس ۾ امن امان بابت اهم اجلاس دوران انهي مقصد جي لاءِ واضح هدايتون ڏنيون هيون ۽ مون کي هر صورت ۾ امن امان بحال گهرجي. گهرو وزارت ڪابينه کي ٻڌايو ته سنڌ پوليس سي پي او، ايس ايس يو، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ، ايس پي يو، سيف سٽيز اٿارٽي ۽ سنڌ فرانزڪ سائنس ليبارٽري آپريشنل مقصدن جي بهتر تڪميل جي لاءِ گاڏين جي خريداري جي درخواست ڪئي آهي.

پنھنجي راءِ لکو