پنوعاقل سکر ملتان موٽروي سي پيڪ وٽ افسوسناڪ حادثي سبب رحيم يار خان واسي عورت سميت هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 5 ورھين جي معصوم نياڻي معجزاڻي طور بچي وئي. ڳوٺ نَئِين ٻُڍِ وٽ سي پيڪ وٽ لوڪيشن 421 تي تيز رفتار ڪار اڳيان ويندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي کان رحيم يار خان ويندڙ هڪ ئي خاندان جا 4 ڀاتي غلام حسين، محمد طاهر سندس امڙ حنيفه ۽ محمد ياسين موقعي تي فوت ٿي ويا، فوتين جا لاش پنوعاقل تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا، پيش آيل حادثي جي ماڻھن جو تعلق رحيم يار خان جو ٻڌايو پيو وڃي ۽ حادثي دوران سموري خاندان مان هڪ 5 ورهين جي نياڻي فوت ٿي ويل محمد طاهر جي ڀيڻ ۽ حنيفه جي ڌيءَ معجزاڻي طور محفوظ رهي.
