وفاقي ڪابينه 26هين آئيني ترميم واري مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي چيمبر ۾ ٿيو جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم جي مسودي ۽ ملڪي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ 26هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏني وئي.ڪابينه جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ ملڪي حالتن جي بهتري لاءِ ڪابينه بهترين فيصلو ڪيو، پوري قوم کي 27هين آئيني ترميم جي ڪابينه مان منظوري جي مبارڪ هجي. ڪابينه ملڪي ترقي ۽ عوامي فلاح جي حلف جي پاسداري ڪندي ملڪ جي وڏن مفادن لاءِ اهم فيصلو ڪيو.شهباز شريف چيو ته معيشت جي استحڪام کان پوءِ آئيني استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ هڪ وڏو اهم فيصلو ڪيو ويو آهي، ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ محنت جاري رکنداسين. آئيني ترميم جو مسودو هاڻ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.ٻئي پاسي آئيني ترميم جي مسودي تي حتمي ڳالهين جي لاءِ پي ٽي آءِ جو وفد پارٽي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان جي صدارت هيٺ جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچي چڪو آهي. ان حوالي سان جي يو آءِ اڳواڻ ڪامران مرتضيٰ چيو ته دعا ڪرڻ گهرجي ته الله اسان کان غلط فيصلو نه ڪرائي، حڪومت وٽ 3 متبادل ڊرافٽ تيار آهن جيڪڏهن اسان ووٽ نه ڏنو ته حڪومت هٿ ٺوڪيو مسودو منظور ڪرائي وٺندي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي صورتحال کان آگاهه ڪندس اسان ووٽ نه ڏنو ته پوءِ آرٽيڪل 8 ۽ آرٽيڪل 191 ۾ به ترميم ٿي ويندي.
