حڪومت ۽ جي يو آءِ وچ ۾ مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي تڪرار ختم، نوٽيفڪيشن جلد جاري ٿيڻ جو امڪان

جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) پاڪستان جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ اعلان ڪيو آهي ته حڪومت ۽ انهي جي پارٽي وچ ۾ مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي شروع ٿيل اختلاف ختم ٿي ويا آهن. جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي تصديق ڪئي ته بل جو گزٽ نوٽيفڪيشن 26هين ترميم موجب ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته  مون ۽ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ قانون جي ڊرافٽ کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ سان ئي مسئلو حل ٿي  ويندو. هن چيو ته بل کي قانون بنائڻ جي لاءِ اضافي ترميم آندي ويندي جنهن جي تحت مدرسن کي اهو حق ڏنو ويندو ته اهي تعليم واري وزارت وٽ رجسٽريشن ٿيڻ چاهين ٿا يا سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ جي تحت رجسٽرڊ ٿيڻ چاهين ٿا. پل جي حوالي سان خدشا اچي رهيا آهن ذريعن ٻڌايو آهي ته صدر آصف علي زرداري بل جي حوالي سان 8 نڪتا اٿاريا آهن ۽ خاص طور تي مدرسن جي سوسائٽيز ايڪٽ جي تحت رجسٽريشن شامل آهي. صدر زرداري پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو هو ته اهڙي طرح جي قدم سان فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس(ايف اي ٽي ايف) طرفان پابنديون لڳائي سگهن ٿيون ۽ پاڪستان جي عالمي سطح تي موقف کي نقصان پهچي سگهي ٿو. انهن مدرسن جي حوالي سان فرقيوارانه ۽ تعصب ۾ اضافي جو به امڪان آهي. جنهن سان امن امان کي نقصان پهچي سگهي ٿو ۽ هدايت ڪئي هئي ته انهي معاملي جي حوالي سان ڊرافٽنگ احتياط سان ڪئي وڃي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ مذڪوره سمورن خدشن جي باوجود پراعتماد آهي ته نوٽيفڪيشن جلد جاري ٿي ويندو ۽ معاملو سمورو اسٽيڪ هولڊرز جي منشا موجب حل ڪيو ويندو.

پنھنجي راءِ لکو