ڪشمور پوليس طرفان ٿاڻو بي سيڪشن ڪنڌڪوٽ ۽ جمال جي حدن ۾ ملگزار بھلڪاڻي گينگ خلاف ڀرپور آپريشن ڪيو ويو.
ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ
آپريشن ملگزار بھلڪاڻي گينگ خلاف ڪيو ويو، جيڪو ڏوهن، ڀتو وٺڻ، ڀتي جي پرچين ڏيڻ ۽ دڪانن تي فائرنگ ڪرڻ ۾ ملوث آهي. ايس ايس پي ڪشمور
آپريشن دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
ڪشمور پوليس جي فائرنگ سان ٻه ڌاڙيل زخمي ٿيا زخمي ڌاڙيلن کي سندن ساٿي کڻي فرار ٿي ويا ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ آپريشن دوران پوليس جي وڏي نفري، بکتر بند گاڏيون ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو.
پوليس ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن تائين پهچي، انهن جا مورچا تباهه ڪري، وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪيا، جن ۾ شامل آهن:
02 ايس ايم جيز
4700 گوليون
23 ڪارتوس
05 آر پي جي گولا
ڪشمور پوليس جو عزم آهي ته هي آپريشن ڏوهاري عناصر جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهندو، ته جيئن علائقي ۾ امن امان کي يقيني بڻائي سگهجي.
