پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب، اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو

پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي وچ  ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن جنهن کان پوءِ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن جنهن کان پوءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ پهرين جائزي لاءِ اساف ليول معاهدو طئي ٿي ويو آهي. عالمي مالياتي فنڊ موجب آءِ ايم ايف جي ٽيم جي قيادت نيٿن پورٽر ڪئي. معاهدي جي حتمي منظوري آءِ ايم ايف جو بورڊ ڏيندو. منظوري جي صورت ۾ پاڪستان کي توسيعي فنڊ فيسيليٽي جي تحت 1 ارب ڊالر فراهم ڪيا ويندا. پاڪستان کي موسمياتي تبديلي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 28 مهينن جي ارينجمينٽ جي تحت 1.3 ارب ڊالر ملندا پروگرام جي تحت گڏيل قرض جي رقم 2 ارب ڊالر ٿي ويندي. اهي توسيعي فنڊ فيسيليٽي اينرجمينٽ 37 مهينن جي لاءِ هوندو. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ناڻي جي مٽا سٽا 2015 کان پوءِ کان گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي. 18 مهينن جي دوران پاڪستان چيلنجز جي باوجود ميڪرو اڪنامڪ استحڪام جي بحالي ۾ اڳڀرائي ڪئي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقتصادي صورتحال بهتر ٿي آهي. اقتصادي سرگرميون لاڳيتو وڌڻ جو امڪان آهي. البته پاڪستان کي ماحوليات بابت خطرن کي اڃان تائين منهن ڏئي رهيو آهي. عالمي مالياتي فنڊ وڌيڪ چيو ته اصلاحات تي عمل ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سماجي تحفظ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. قدرتي آفتن جي خلاف پاڪستان جي مدد ڪنداسين. موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ بجيٽ ۽ سرمائيڪاري وڌائڻ لاءِ حمايت جاري رکنداسين. آءِ ايم ايف چيو آهي ته توانائي جي شعبي جي اصلاحات لاءِ به پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪنداسين. ناڻي واري وزير محمد نجي چينل سان ڳالهين ۾ چيو آهي ته ملڪ کي پيداواري ۽ برآمدي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ٽيڪس، توانائي ۽ سرڪاري ادارن بابت اصلاحات تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي.

پنھنجي راءِ لکو