ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني: عورتون ۽ ٽيچرز غير محفوظ

ڪنڌڪوٽ: بدامني جي باهه تيزي سان پکڙجڻ لڳي، هاڻي عورتون ۽ خواتين ٽيچرز به غير محفوظ ڪنڌڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بدامني جي لهر وڌي وئي آهي، جنهن سبب عام شهري، واپاري، ٻار، ۽ هاڻي عورتون به ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم تي اچي ويا آهن۔ تازو پيش ايندڙ هڪ خوفناڪ واقعي ۾ هٿياربند ڌاڙيلن ڳوٺ متو خان چاچڙ ويجهو روڊ تي غزالي ٽرسٽ اسڪول جي فيميل ٽيچرن جي وين کي روڪي ورتو۔ ڌاڙيلن گاڏي ۾ موجود خواتين ٽيچرز کي حراسان ڪيو، انهن کان موبائل فون ڦري ڇڏيا ۽ مزاحمت تي وين جي ڊرائيور کي بي رحمي سان تشدد جو نشانو بڻايو۔ واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته شهري شديد پريشاني جو شڪار آهن۔ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪنڌڪوٽ سميت سڄي ڪچي واري پٽي ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اڃا تائين خاموش آهن۔ ڪيترن ئي ڀيرا عوامي احتجاج ۽ دانهون ڪرڻ باوجود پوليس ۽ انتظاميا صرف بيانن تائين محدود آهي۔ شهرين جو مطالبو آهي ته ڌاڙيلن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، امن امان بحال ڪيو وڃي ۽ خاص طور تي اسڪولي استادن ۽ شاگردن جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي۔ ٻئي طرف، واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو۔ هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته پوليس واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهي ٿي يا نه، يا وري شهري بدستور دهشتگردي ۽ خوف ۾ زندگي گهاريندا رهندا۔

پنھنجي راءِ لکو