سنڌ جو وڏو وزير پنهنجي والد جي 18هين ورسي تقريب ۾ شرڪت لاءِ واهڙ پهچي ويو، مزار تي حاضري، مغفرت لاءِ دعا

وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پنهنجي والد، اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه جي 18هين ورسي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ واهڙ پهتا، جتي هن پنهنجي مرحوم والد جي مزار تي حاضري ڀري، فاتحه پڙهي ۽ انهن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته آئون اڄ هتي پنهنجي والد سيد عبدالله شاهه جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ آيو آهيان ، انهن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ پنهنجي لاءِ به دعا ڪئي ته والد جيان عوام جي بي لوث خدمت ڪري سگهان. هن وڌيڪ چيو ته اڄ ورسي جي حوالي سان ڪو جلسو نه رکيو ويو آهي، رڳو قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويو آهي. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ جلسي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته کيس خبر ناهي ته اعظم سواتي کي ڳالهين جو مينڊيٽ ڪنهن ڏنو آهي، پر اسان چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ وارا پنهنجي سياسي روش ڇڏي ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ سنجيدگي سان ڪم ڪن. ڪئنالن بابت سوال تي وزيراعليٰ چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڪئنالز نه ٺهڻ ڏينداسين، اسان جو ڪيس مضبوط آهي ۽ اسان جي موقف کي ڪو به رد نٿو ڪري سگهي. بلاول ڀٽو به واضح طور تي چيو آهي ته جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿيو ته هو وفاق سان نه، پر عوام سان گڏ هوندو. جيڪڏھن ايم ڪيو ايم چيو آهي ته اسان هٿ کنيا ته ڪراچي ۾ بدامني شروع ٿي ويندي اهڙو بيان ڳڻتي واري ڳالھ آھي پوءِ 80 وارو دور شروع ٿي ويندو افسوس ناڪ بيان آهي  هن وڌيڪ چيو ته سيوهڻ سميت امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو ويندو.

پنھنجي راءِ لکو