پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چڪوال ۽ جهلم جي ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي جائزو ورتو، پنجاب جي وزيراعليٰ کي ٻوڏ سبب ٿيل علائقن تي لاڳاپيل اختيارين طرفان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي نهي کان علاوه مريم نواز چڪوال ۾ برسات جي دوران حادثن ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن کي 10-10 لک روپيه ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. وزيراعليٰ مريم نواز سمورن رابطه پلن جي بحالي ۽ جهلم روڊ تي اسٽيل پل ٺاهڻ جي هدايت ڪئي پنجاب جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، چڪوال ۾ 450 ملي ميٽر برسات کان پوءِ 32 روڊ مڪمل تباهه ٿي ويا، ٻوڏ وهڪرن سبب رابطي جا پل به لڙهي ويا ۽ مختلف حادثن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 119 ڄڻا فوت ٿي ويا.
