سي ويو تان مرد ۽ عورت جا تشدد ٿيل لاش هٿ، گارڊن ۾ رٽائرڊ پوليس اهلڪار جو پٽ قتل

ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري جي ڀرسان مرد ۽ عورت جا تشدد ٿيل لاش هٿ آيا آهن، جڏهن ته گارڊن ۾ رٽائرڊ پوليس اهلڪار جي پٽ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو بوٽ بيسن ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته چائنه پورٽ جي ڀرسان ملندڙ مرد ۽ عورت جي لاشن وٽان نائن ايم ايم پستول جا 2 خول به مليا آهن. پوليس موجب عورت ۽ مرد کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، ٻنهي لاشن جي ڪابه سڃاڻپ دستاويزت ناهي ملي پر ٻنهي جون عمرون 30 کان 35 سالن جي وچ ۾ آهن. مرد ۽ عورت جي لاش وٽان موبائل فون هٿ آيو آهي، ٻنهي لاشڻ کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي هوڏانهن گارڊن، جمن شاهه مزار جي ڀرسان ملندڙ لاش جي سڃاڻپ رٽائرڊ پوليس اهلڪار جي پٽ جي نالي سان ٿي آهي، پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته مقتول عبدالله جو والد پوليس ۾ اڪائونٽنٽ هو، مقتول عبدالله کي نامعلوم ماڻهن سندس گهر گارڊن هيڊ ڪوارٽر تان گهرائي پاڻ سان گڏ وٺي ويا هئا. 12 ڪلاڪن کان پوءِ عبدالله جي گولي لڳل لاش ملي.

پنھنجي راءِ لکو