غوثپور لڳ جمال ٿاڻي جي حد جمال واري علائقي م نامعلوم هٿياربندن موٽرسائيڪل سوار کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا فائرنگ جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب نوجوان محمد رمضان پٽ محمد مٺل لولائي ٿڏي تي قتل جڏهن ته هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل م وٺي ڇڏيو پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو پوليس موجب ته هي واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي جعفري ء لولائي برادري م جهيڙو هلندڙ هو
