ضلعي ڪشمور ۾ جشن آزادي جي حوالي سان ميمبر قومي اسيمبلي سردار علي جان مزاري ، ڊپٽي ڪمشنر سميت ٻين آفيسرن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ٻوٽا پوکيا تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڪشمور ۾ جشن آزادي ۽ (معرقه حق) کي جوش و جذبي سان ملهائڻ لاءِ ضلعي جي مک آفيسن اندر وڻن جا ٻوٽا پوکيا ويا. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس اندر ليمي جا وڻ، ، توت، سُک چين، ، نم ۽ ٻين وڻن جي پوکائي ڪري مھم جو آغاز ڪيو. ويو. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعو ڪشمور جو عوام آزادي جو ڏهاڙو جوش و جذبي سان ملهائيندي جنهن ۾ سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي شموليت ذريعي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو ويندو. هن چيو ته هر سرڪاري عمارتن ۽ گھرن تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويندو
