ڪنڌڪوٽ هٿياربندن جي فائرنگ م قتل ٿيل نوجوان محمد رمضان لولائي جو ڀاءُ صابر لولائي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي بنا جواز جعفري برادري جي ماڻهن جمال واري علائقي ڏانهن سواري جي بهاني سان وٺي اڳتي هلي منهنجي ڀاءُ کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري هليا ويا آهن هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڀاءُ سڄو ڏينهن رڪشو هلائي پنهنجي گهر جو گذر سفر ڪندو هو اسان آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ء ايس ايس ڪشمور کان مطالبو ٿا ڪريون ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي مقتول نوجوان جا قاتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي جعفري برادري جي هٿان قتل ٿي ويل مقتول نوجوان محمد رمضان لولائي جي وارثن لاش غوثپور مين بس جي اڏي تي رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون مسافر سخت پريشان رهيا مقتول جا وارث صابر لولائي مٺل لولائي اميد علي لولائي ء راجا لولائي جي اڳواڻي م هنيو ويو چار ڪلاڪ تائين روڊ بند رهيو جيستائين مقتول جا قاتل گرفتار نه ٿيندا تيستائين احتجاج جاري رهندو
