پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي سڏ تي لاهور ۾ احتجاج جي دوران پوليس ڊپٽي اپوزيشن اڳوان معين قريشي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر شعيب امير سميت پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي رپورٽ موجب صوبائي اسيمبلي ميمبرن شهر ۾ ريلي ڪڍي، پوليس صوبائي اسيمبلي ميمبر شعيب امير کي گرفتار ڪري ورتو، انهي کان علاوه ڊپٽي اپوزيشن اڳواڻ معين قريشي کي به گرفتار ڪرڻ جا اطلاع آهن صوبائي اسيمبلي ميمبر فرخ جاويد مون الزام لڳايو ته پوليس اسان جي گاڏين تي ڏنڊا وسايا، شيشا ٽوڙيا، صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي حراسان ڪيو ۽ ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا لاهور مان 6 کان وڌيڪ ايم پي ايز کي گرفتار ڪرڻ جا اطلاع آهن. گرفتار ٿيل اڳواڻن ۾ ڊپٽي اپوزيشن اڳواڻ معين قريشي، ايم پي ايز فرخ جاويد مون، ڪرنل(ر) شعيب، نديم صادق ڊوگر، خواجه صلاح الدين، مبين الله خان ۽ اقبال خٽڪ به شامل آهن. پارٽي ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته لاهور مان اسان جي 300 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ڇاپن جي ڊپ کان پنجاب اسيمبلي مان ٻاهر نه نڪري رهيا هئا. ٻئي طرف پوليس اهلڪار دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ جي ماڻهن پوليس تي حملو ڪيو، هڪ پوليس اهلڪار جو مٿو ڦاٽي پيو آهي، صدر انصاف ليگل فورم(آءِ ايل ايف) لاهور ملڪ شجاعت جندرران چيو ته گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ضمانتن جي لاءِ ليگل ٽيمون جوڙيون ويون آهن. هن چيو ته 3 ليگل ٽيمون گرفتار ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ شهر جي سمورين ڪچهرين ۾ موجود آهن. ماڊل ٽائون ڪچهري، ضلعي ڪچهري ۽ ڪينٽ ڪچهري ۾ ليگل ٽيمون موجود آهن.
