معرڪہ حق ۽ جشن آزادي جي تقريبن جي سلسلي ۾، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ڄامشورو پاران “سرسبز مهراڻ، سرسبز پاڪستان” جي عنوان هيٺ وڻڪاري مهم جو آغاز ڪيو ويو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحہ حسين علي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو، جڏهن ته پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار پروفيسر ڊاڪٽر رضوان ميمڻ، ڊين فئڪلٽي آف آرڪيٽيڪچر اينڊ سول انجنيئرنگ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نفيس ميمڻ چيئرمين سول انجنيئرنگ ساڻن گڏ هئا۔ ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن سول انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي احاطي ۾ نم ،سُک چين ۽ ٻيا ٻوٽا پوکيا ھي مهم نه رڳو ماحولياتي تحفظ ڏانهن مهراڻ يونيورسٽي جي پائيدار عزم جي عڪاسي ڪري ٿي، پر پاڪستان کي سرسبز ۽ صاف رکڻ جي قومي جذبي جو به عملي اظهار آهي۔ يونيورسٽي جي شاگردن، استادن ۽ عملي اهڙن ماحول دوست قدمن کي مستقبل ۾ به جاري رکڻ جو عهد ڪيو، ته جيئن صحتمند ۽ پائيدار ماحول جي واٽ هموار ڪري سگهجي.
