ڪراچي: پهلوان ڳوٺ ڀرسان فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي

ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر پهلوان ڳوٺ ۾ فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا گلستان جوهر پهلوان ڳوٺ جي ڀرسان اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي 2 زخمي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي سڃاڻپ سيد مظهر ۽ علي وارث جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته زخمين ۾ علي حسن، محمد علي ۽ حبيب شامل آهن واقعي جي خلاف علائقي جي رهواسين پهلوان ڳوٺ ۾ احتجاج ڪيو بعد ۾ احتجاج ختم ڪري روڊ ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو، پوليس ۽ رينجرز موقعي تي پهچي شاهديون گڏ ڪيون. پوليس موجب فائرنگ پهلوان ڳوٺ ۾ دڪان جي ٻاهر ڪئي وئي، اکين ڏٺن شاهدن موجب جوابدار ڪار ۽ موٽر سائيڪلن تي سوار هئا پوليس موجب فائرنگ ۾ هڪ کان وڌيڪ هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو، واقعي جي جڳهه تان هڪ ميگزين ۽ گولين جا ڪجهه خول مليا آهن، واقعي جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار ايس ايس پي ايسٽ کان واقعي جا تفصيل طلب ڪندي هدايت ڪئي آهي ته جوابدارن جي گرفتاري کي يقيني بنايو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو