اسلام آباد ۾ برسات کان پوءِ برساتي نالا پاڻي سان ڀرجڻ سان پاڻي تيزي سان گهرن ۾ داخل ٿي ويو. اسلام آباد ۾ مارگله جي پهاڙن تي گذريل رات جي برسات کان پوءِ برساتي نالا ڀرجي ويا، جنهن سبب نيو چٺه، بختاور ۽ نيومل شرقي ۾ ٻوڏ وهڪرن جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو ٻوڏ جي پاڻي ۾ علائقي جي رهواسين جو سمورو سامان ۽ فرنيچر به لڙهي ويو. رهواسي پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا جڏهن ته قيمتي گاڏيون به پاڻي ۾ لڙهي ويون انهي کان علاوه بهاره ڪهو، سوان ۽ پي ايڇ اي فليٽس ۾ به ٻوڏ جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو. ٻئي طرف برساتي نالن ۾ چاڙهه سبب ڪري ڳوٺ پل جو حفاظتي بند پڻ متاثر ٿيو آهي برساتي نالي ۾ جانور ۽ گهريلو سامان به لڙهي ويو. ڏوراهين علائقن ۾ قائم ڊيري فارمز به سخت متاثر ٿيا، برسات سبب متاثر علاقن ۾ ريسڪيو آپريشن جاري آهي پي ڊي ايم اي ترجمان چيو آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي. سانوڻي برسات جو ڇهون اسپيل 7 آگسٽ تائين جاري رهندو.
