شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز، ڄامشوري پاران حب الوطني ۽ قومي فخر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي آزادي ۽ آپريشن بنيان المرصوص ۽ معرڪهء حق جي ڪاميابي جي جاري جشن جي حصي طور “آزادي بس ڊرائيو” جو انعقاد ڪيو ويو آزادي بس ڊرائيو جي شروعات يونيورسٽي ڪئمپس کان ڪئي وئي جيڪا مختلف روڊن رستن، هاءِ وي، قاسم چوڪ، راڻي باغ کان ٿيندي پريس ڪلب حيدرآباد پهتي. يونيورسٽيءَ جي بس پاڪستاني جهنڊن، حب الوطني جي نعرن ۽ تازي قومي جنگ جي فتح کي اجاگر ڪندڙ موضوعن سان سينگاريل هئي، حيدرآباد جي گهٽين مان گذرندي، عوام جو ڌيان ڇڪايو ۽ هڪ جشن وارو جذبو پکيڙيو. پريس ڪلب حيدرآباد ۽ ڊي چوڪ پارڪ آڏو فائن آرٽس جي شاگردن پاران ايندڙ ويندڙ ماڻهن ۽ ٻارڙن جي چهري جي پينٽنگ، لائيو اسڪيچنگ ڪري قومي رنگ جون ٽوپيون ورهايون ويون، شاگردن پنهنجي مهارت سان ٻارن، نوجوانن ۽ راهگيرن جي چهرن، هٿن ۽ ٻانهن تي پاڪستاني جهنڊو ۽ قومي علامتون نقش ڪيون شاگردن جي اڳواڻي غير نصابي سرگرمين جي انچارج، ڪاشف شهزاد، ٻين فيڪلٽي ميمبرن ڪئي، جن تقريب بامعنى ۽ سٺي نموني سان هم آهنگ هجڻ ۾ شاگردن ۽ عام ماڻهن جي رهنمائي ڪئي. آزادي بس ڊرائيو ذريعي اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سيبس يونيورسٽي جهڙا تعليمي ادارا نوجوانن جي توانائي ۽ قابليت کي قوم جي تعمير، حب الوطني جي جذبي ۽ ثقافتي فخر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اثرائتو ڪم ڪري رهيا آهن.
