سکر ۾ ماءُ جي ٿڃ، فوڊ فورٽيفڪيشن ۽ ٻارن جي غذائي تحفظ تي ضلعي سطح تي اهم ايڊووڪيسي ميٽنگ

سکر، 6 آگسٽ 2025: ناري فائونڊيشن، آءِ آر سي انٽرنيشنل ۽ يورپي يونين جي مالي سهڪار سان، SIGN پروجيڪٽ تحت سکر ڊپٽي ڪمشنر ڪانفرنس هال ۾ ضلعي نيوٽريشن ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي ۽ ملٽي اسٽيڪ هولڊرن جي ايڊووڪيسي ميٽنگ منعقد ڪئي وئي. ميٽنگ جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر ٽو بشرا منصور ۽ ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل ڪئي، جنهن ۾ ماءُ جي ٿڃ جي واڌاري، فوڊ فورٽيفڪيشن ايڪٽ 2021 ۽ بريسٽ فيڊنگ هفتي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ميٽنگ ۾ مختلف سرڪاري، غير سرڪاري، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پنھنجي راءِ لکو