قومي اسيمبلي اجلاس: ڪي اليڪٽرڪ بابت ڪيترن ئي ميمبرن شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا

قومي اسيمبلي اجلاس جي دوران ڪي اليڪٽرڪ بابت ڪيترن ئي قومي اسيمبلي ميمبرن جون شڪايتون سامهون آيون پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر شڪايت لڳائيندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان پوري علائقي جا فيڊر بند ڪيا ويندا آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي سوال تي ڪراچي جي سمورن ايم اين ايز هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن پ پ اسيمبلي ميمبر منور علي ٽالپر چيو ته جيڪڏهن هڪ يا ٻه گهر بجلي جو بل نٿا ڏين ته انهن جي بجلي ڪٽي وڃي هي ته سموري ڳوٺ جي بجلي ڪٽي ٿا ڇڏين مملڪتي وزير عبدالرحمان خان ڪانجو يقين ڏياريو ته بجلي بابت سڀني جون شڪايتون آهن انهن کي حل ڪنداسين. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اوهان ميمبرن کي گهرايو انهن سان گڏجاڻي ڪنداسين ۽ مسئلي کي حل ڪنداسين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ڪي اليڪٽرڪ بابت سوال ملتوي ڪري ڇڏيو هن ڪراچي جي مسئلي تي ڪيترن ئي ميمبرن کي مملڪتي وزير سان گڏجاڻي جي هدايت ڪئي. اياز صادق چيو ته امين الحق ۽ ٻيا ميمبر وڃن ۽ مملڪتي وزير سان گڏجاڻي ڪن.

پنھنجي راءِ لکو