پريالوءِ : قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو احتجاج

پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مينگهو خروس واسي قتل ٿيل نوجوان علي خان خروس جي وارثن مير گل، صاحب، خدابخش، نادر علي ۽ ٻين پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته فيض محمد ٻنڊو پوليس ڪيترن ڏينهن گذرڻ باوجود هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪيو آهي، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي هنن ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو