سکر : سنڌ پيپلز يوٿ ء سکر جي نوجوانن پاران نوجوان قيادت مير ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر صاحب جي 35 ھين ساگره جتوئي ھائوس عارف بلڊر ٽائون شپ سکر ۾ وڏي جوش جزبي سان ملھائي وئي پاڪستان پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) مرڪزي اڳواڻ عنايت علي خان عمراڻي دلمراد خان جوئي محمد عيدن جتوئي خصوصي طور شرڪت ڪئي جڏھن نوجوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي سالگره تقريب ۾ ڪيڪ ڪٽڻ جي رسم پڻ ادا ڪئي وئي ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ عنايت علي خان عمراڻي, دلمراد خان جتوئي محمد عيدن جتوئي, ٽيڊي بروھي, ايڊووڪيٽ ياسين احمد جتوئي, فھد ڀٽو, ڪفايت علي ڪلھوڙو, ضمر درمحمد شر, ايڊووڪيٽ درويش محمد زنگينجو, ايڊووڪٽ شاھزيب چاچڙ, امان الله بلوچ, ء ٻين خطاب ڪندي چيو ته اڄ خوشي جو موقعو آھي قائد عوام جناب شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ڪامريڊشھيد شاھنواز جي ڀائٽي, شھيد مير مرتضي ڀٽو جي پگدار پٽ ڀٽو خاندان جي وارث جناب مير ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي 35 ھين سالگره آھي جيڪا تقريب سکر جي يوٿ پاران رکي وئي آھي نوجوان ء تحريڪن جي روح روان ھوندا آھن ء خوشقسمتي آھي نوجوانن کي ئي نوجوان قيادت ملي آھي يوٿ اڳتي اچي اڳواڻن وڌيڪ چيو ڀٽو خاندان ھميشه مظلوم بي پھچ بي سھاره ماڻھن جي ڳالھ ڪئي آھي افسوس ان ڏوھ ۾ سندن جي پوري خاندان کي شھيد ڪيو ويو آھي ۽ سندن جي خاندان جي نالي تي چورن لٽيرن مظلومن جو خون چوسڻ وارن ظالمن کي حڪمران بڻائي ڀٽو خاندان جي شھيدن جي ڏنل عظيم قرباني کي بدنام ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڪو به غيرتمند پٽ پنھنجي وڏڙن جي نالي تي ٿيندر دڪانداري ملڪ اندر لاقانونيت ڪرپشن, بدامني, بک بيروزگاري گيس, بجلي جي لوڊشڊنگ, تعليم صحت روڊ رستن جي تباھي سميت انيڪ مسئلن کي اکين سامھون ڏسي ڪيئن ٿو برداشت ڪري سگھي جناب مير ذوالفقار علي ڀٽو سڃي سنڌ سميت پوري ملڪ جو دورو ڪيو ء پنھنجي ڀيڻ محترمه بيبي فاطمه ڀٽو صاحب سان ملي ٻلھڻ فائوڊيشن نالي تنظيم ٺاھي برسات ء ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي ء سنڌو درياء ڊولفن انڌي ٻلڻ جي جياپي لاء انھن کي بچائڻ لاء عملي جدوجھد ڪئي ۽ ان پوري عرسي ۾ ٻنھي ڀاء ڀيڻ اھو محسوس ڪيو ته ھن ملڪ جي مسئلن جو ھل صرف عملي سياست ۾ ئي ممڪن آھي سو انھن سياست ۾ اچڻ جو اعلان ڪيو آھي انقريب نئي پاري ٺاھي ان ۾ نوجوانن, شاگردن, ھاري مزدورن, پورھيتن, اڪليتن ء عورتن سميت سڀني کي شامل ڪيو ويندو سنڌ سميت سڃي ملڪ جي يوٿ کين سياست ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪري ٿي اڄ سکر جي نوجوان دوستن جن ۾ وڪيل شاگردن ۽ مختلف مڪتبي فڪر سان تعلق رکندڙ يوٿ پاڻمرادو ھي سالگره جو پروگرام رکي جناب مير ذوالفقار علي ڀٽو صاحب, محترمه بيبي فاطمه ڀٽو صاحبه تي اعتماد جو اظھار ڪيو آھي اسين سڀني نوجوانن کي سلام پيش ڪيو ٿا ۽ ھي وقت نوجوانن جو آھي نوجوان اڳتي اچن مير ذوالفقار علي ڀٽو محترم بيبي فاطمه ڀٽو صاحبه جا ھٿ مظبوط ڪن عملي جدوجھد ۾ ساٿ ڏين
سکر جي يوٿ ايڊووڪيٽ شاھزيب چاچڙ, ايڊووڪيٽ سرمند زنگجيو , امان الله بلوچ ء ٻين مير ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ء محترمه بيبي فاطمه ڀٽو صاحبه تي اعتماد ڪندي مرڪزي اڳواڻ عنايت علي خان عمراڻي دلمراد خان جتوئي محمد عيدن جتوئي ايڊووڪيٽ ياسين احمد جتوئي جي معرفت اعلان ڪندي چيو ته مير ذوالفقار علي ڀٽو سان ھر محاذ تي گڏ آھيون نئي پارٽي جڏھن به ٺاھي اسان سندس قدم قدم تي ساٿ ڏيڻ جو وڃن ڪيو ٿا ء سندس قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظھار ڪيو ٿا مير ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ء ڀٽو ازم جو فڪر, فلسفو ئي ھن ملڪ جو روشن مستقبل آھي پريس ترجمان
