ملڪ ۾ وڌندڙ بيروزگاري، معاشي عدم استحڪام ۽ گهٽ پگهارن سبب هلندڙ سال جي شروعاتي 6 مهينن ۾ تقريبن ساڍا 3 لک پاڪستاني ملڪ ڇڏي ويا ملڪ ڇڏيندڙ ماڻهن ۾ اعليٰ تعليم يافته ماڻهن سميت انتهائي ٽيڪنيڪي ماڻهو به شامل آهن. جڏهن ته ڊاڪٽرن سميت نرسز جي ملڪ ڇڏڻ سان ملڪ جي صحت واري نظام ۾ به مسئلا وڌڻ لڳا آهن عرب اخبار(گلف نيوز) موجب هلندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان مان نرسز وڏي پيماني تي روزگار جي خاطر پرڏيهه منتقل ٿي رهيا آهن، مرد، عورت نرسز بهتر پگهار، محفوظ ڪم جي حالت ۽ پيشه وارانه ترقي جي موقعي لاءِ ملڪ ڇڏي رهيا آهن جنهن سان پهريان کان دٻاءُ جو شڪار طبي نظام وڌيڪ خراب ٿي ويو آهي ڊاڪٽرز ۽ ٻئي ٽيڪنيڪي ماڻهن جيان نرسز کي عرب ملڪن، برطانيه ۽ ڪينيڊا جهڙن ملڪن تي پرڪشش پگهارون ۽ بهتر ڪم جي ماحول سان پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيون آهن جنهن سان پاڪستاني نرسز اهڙن ملڪن ۾ مستقل هجڻ جي اوليت ڏئي رهيا آهن.
