سيڪيورٽي فورسز جو زوب ۾ ڪليئرنس آپريشن، وڌيڪ 14 ڀارتي حمايت يافته خوارج مارجي ويا

پاڪ افغان بارڊر ڀرسان سيڪيورٽي فورسز جي ڪليئرنس آپريشن دوران وڌيڪ 14 ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز طرفان 7 ۽ 8 آگسٽ تي ضلعي زوب جي علائقي سمباڙه ۾ ڪامياب ڪارروائين جي دوران 33 خوارج مارجي ويا هئا. جنهن کان پوءِ 8 ۽ 9 آگسٽ جي وچ واري رات پاڪ افغان سرحد جي ڀرسان سمبازه ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران وڌيڪ 14 ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا. 2 ڏينهن ۾ گڏيل طور تي مارجي ويل ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جو انگ 47 ٿي ويو آهي پاڪ فوج جي ترجمان موجب سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي تحفظ ۽ پاڪستان جي امن استحڪام ۽ ترقي کي ختم ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ پرعزم آهن.

پنھنجي راءِ لکو